پاڪستانسنڌ

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڪيس 14 ورهين بعد ٻيهر کلي ويو،اپيل شنوائي لا مقرر

ڪراچي :شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس مان جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل 14 سالن کانپو شنوائي لا مقرر ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو ڪيس 14 ورهين بعد ٻيهر کوليو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس خلاف اپيلون منظور ڪندي ٽن هفتن تائين شنوائي مقرر ڪري ڇڏي. عدالت ۾ ڪيس جي فريادي طرفان وڪيل پير مجيداڻو، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي پيش ٿيا. درخواستگذار نور محمد گوگا پاران وڪالت ناما جمع ڪرايا ويا. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي 20 سيپٽمبر 1996ع تي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت 20 پوليس آفيسرن کي بري ڪيو. ساڳئي عدالت اڳوڻي چيف آءِ بي مسعود شريف، اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس شعيب سڊل (ان وقت جي ايس ايس پي) واجد علي دراني، (ان وقت ڪي ايس پي) مرحوم شاهد حيات ۽ ٻين کي بي گناهه باعزت بری ڪري ڇڏيو هو. واضح رهي ته مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدار انسپيڪٽر حق نواز سيال خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد 2010ع ۾ قتل ڪيس جي جوابدارن کي بري ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست گذار جي اپيل شنوائي لاءِ منظور ڪندي ٽن هفتن بعد شنوائي مقرر ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button