اسلام آباد:مبينا ڌمڪين جي حوالي سان آمريڪي سائفر بابت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو جو ٻيو پارٽ به سامهون اچي ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل آڊيو ۾ واضح طور ٻڌي سگهجي ٿو ته عمران خان پارٽي اڳواڻن سان آمريڪي سائفر بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو جي ٻئي پارٽ ۾ شاھه محمود قريشي، اعظم خان ۽ اسد عمر جا آواز به شامل آھن. آڊيو ۾ عمران خان شاھه محمود قريشي کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو آهي ته سڀاڻي اسان ٽنهي (عمران خان، اعظم خان ۽ شاهه محمود قريشي)کي فارين سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪرڻي آهي، جنهن ۾ اسان کي چوڻو آهي ته جيڪو خط آيو آهي، ان جا خاموشي سان مرضي جا منٽس لکي ڏئي. اعظم خان چئي رهيو آهي ته ان جا منٽس ٺاهي فوٽو اسٽيٽ ڪري رکي ٿا ڇڏيون. ان دوران پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان چوي ٿو ته اهو سائفر 8 يا 9 تاريخ تي آيو هو، جنهن تي عمران خان چوي ٿو ته اجلاس ست تاريخ تي ٿيو هو، اسان کي ڪنهن ملڪ جو نالو ڪنهن به صورت ۾ نه کڻڻو آهي. ان اشو تي مهرباني ڪري ڪنهن جي واتان ملڪ جو نالو نه نڪري. اها ڳالهه اوهان سڀني لاءِ اهم آهي ته ڪهڙي ملڪ مان خط آيو آهي. آڊيو ۾ اسد عمر چئي رهيو آهي ته اوهان ڄاڻي واڻي ان کي خط چئي رهيا آهيو. هي خط نه پر اجلاس جو ٽرانسڪرپٽ آهي، جنهن تي عمران خان کيس ٽوڪيندي چوي ٿو ته ٽرانسڪرپٽ يا خط هڪ ئي شيءِ آهي، ماڻهن کي ٽرانسڪرپٽ سمجهه ۾ نه اچي ها، اوهان عوامي جلسن ۾ ائين ئي چوندا آهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close