اسلام آبادپاڪستان

سائفر جي ڪاپي رڪارڊ مان گم،جاچ لا ڪابينا ڪميٽي قائم

اسلام آباد:وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي موڪليل سفارتي سائفر جي وصولي جي داخلا ٿيل پر ان جي ڪاپي وزيراعظم هائوس جي رڪارڊ مان گم آهي ۽ سفارتي سائفر کي فراڊ، جعلسازي، فيبري ڪيشن کانپوءِ چوري ڪيو ويو آهي. ان سائفر بابت آڊيوز جي جاچ لا ڪابينا جي خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جڏهن ته آڊيوز کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آڊيو ليڪس جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. جاري ڪيل پڌرائي موجب آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪابينا جي خاص ڪميٽي جوڙي وئي وئي آهي. قومي سلامتي ڪميٽي پاران آڊيو ليڪس جي مڪمل جاچ جي فيصلي جي تائيد ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته آڊيوز اڳوڻي حڪومت ۽ عمران نيازي جي مجرماڻي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو، هڪ سفارتي سائفر کي هٿ ٺوڪي معنيٰ ڏئي سياسي مفادن خاطر قومي مفادتن جو قتل ڪيو ويو ۽ سفارتي سائفر فراڊ، جعلسازي، فيبري ڪيشن کانپوءِ چورايو ويو ويو. وفاقي ڪابينا سائفر جي چوري آئيني حلف، قانونن، خاص طور آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اهو رياست خلاف معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي، ڪارائتن رياستي مفادن تي سياسي مفادن کي اهيمت ڏني وئي. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته سفارتي سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس جي ڪارڊ مان گم آهي. جڏهن ته وزيراعظم ڏانهن موڪليل سائفر جي وزيراعظم هائوس ۾ وصولي وارو رڪارڊ موجود آهي. وفاقي ڪابينا جو چوڻ آهي ته لازمي طور ذميوارن جو واضح تعين ڪري کين قانون پٽاندڙ سخت سزا ڏني وڃي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته خاص ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري خلاف ڪارروائي جو تعين ڪندي. خاص ڪميٽي سينيئر وزيرن خلاف پڻ ڪارروائي جو فيصلو ڪندي. جڏهن ته ڪابينا ۾ حڪومت شامل اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا جنهن ۾ پرڏيهي ۽ قانون واري وزارتن جا وزير پڻ شامل هوندا. وفاقي ڪابينا مريم اورنگزيب سان لنڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي بدتميزي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن عورت سان اهڙي قسم جي ناڪاري رويي جي گنجائش موجود ناهي. عورتن بابت ۾ پي ٽي آءِ چئيرمين جو رويو سدائين تعصباڻو، جانبداراڻو ۽ توهين جوڳو رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button