اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ هفتي دوران بصر،ٽماٽن،چانهه پتي ۽ دالين سميت 20 شيون مهانگيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 95 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي گڏيل شرح 30 ڏهائي 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ موجب هفتي دوران ويهه شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، بصر جي في ڪلو اگهه ۾ چاليهه رُپيا 13 پئسا اضافو ٿيو. کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽي جي في ڪلو قميت 41 رُپيا 11 پئسا وڌي، 190 گرام چانهه جي اگهه ۾ اٺ رُپيا پنجٽيهه پئسا اضافو ٿيو. چڻن جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 81 پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته مڱن جي دال هڪ رُپيو واڌ ٿي، جيئري ڪڪڙ هڪ رُپيو 85 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. ان کانسواءِ صابڻ، کير، ڌونئرو، ٻاڪرو گوشت، آنا ۽ چانور پڻ مهانگا ٿيا. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هفتي دوران ڏهن شين جي اگهن ۾ لاٿ جڏهن ته 21 ۾ استحڪام رهيو، ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر 119 رُپيا 63 پئسا سستو ٿيو. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ اٽي جي ويهه ڪلو وارو ٿيلهو 48 رُپيا 55 پئسا سستو ٿيو، جڏهن ته گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 64 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات موجب مهري جي دال پنج رُپيا في ڪلو سستي ٿي، کنڊ، ڪيلن، ٿوم ۽ پٽاٽي جي اگهن ۾ پڻ لاٿ آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button