اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ عدالت پهچي ويو

اسلام آباد:اڳوڻو وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پهچي ويو. عمران خان جڊيشل مجسٽريت زيبا چوڌري جي عدالت پهتو پر پوليس عدالتي ڪمرو بند ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٻڌايو ته جج صاحبا موڪل تي آهي. ان موقعي تي عمران خان ريڊر سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان شاهدي ڏجو ته مان جج کان معافي وٺڻ آيو هئس. واضح رهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان طرفان اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جيڪڏهن سندس چيل لفظن سان عورت جج جي دل آزاري ٿي آهي ته کائنس معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي طرف اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان پاران قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ ڏني وئي آهي. عمران خان جي خلاف گذريل مهيني 20 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ريلي ڪڍي قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ ايف آئي آر داخل ڪئي وئي هئي. جمعي تي ايڊيشنل سيسن جج ظفر اقبال پي ٽي آئي سربراهه جي درخواست ضمانت جي شنوائي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو. ان دوران عدالت 5 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن جي عيوض ڪچي ضمانت جي توثيق ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button