اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس صاحب آئيني ذميواري پوري ڪريو،جج مقرر ڪريو:جسٽس فائز جو خط

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي نالي خط لکي ججز مقرري ۽ ڪيسن ۾ اضافي وارو معاملو اُٿاريو آهي. خط جي متن موجب ڏينهون ڏينهن ڪيسن جو جبل ٺهي رهيو آهي، انصاف جي فوري طور فراهمي کي يقيني بڻائڻ آئين تحت سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي. خدشو آهي ته ڪٿي سپريم ڪورٽ غيرفعال نه ٿي وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط ۾ چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ججز مقرري جي سفارش لاءِ جڊيشل ڪميشن 9 ميمبرن تي ٻڌل آهي. سپريم ڪورٽ چيف جسٽس ۽ 16 ججن تي ٻڌل هوندي آهي پر هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جون چار جايون خالي آهن. جسٽس گلزار احمد کي رٽائر ٿئي 239 ڏينهن، جسٽس امين احمد کي 187، جسٽس مقبول باقر کي 177 ڏينهن، جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي 77 ڏينهن رٽائر ٿي گذري چڪا آهن. جڏهن ته جسٽس سجاد علي شاهه کي رٽائر ٿئي 46 ڏئي ٿي ويا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عوام سپريم ڪورٽ تي وڏي رقم خرچ ٿو ڪري، سپريم ڪورٽ جو اسٽاف ست سئو ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ ڪيس شنوائي هيٺ آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چيف جسٽس صاحب ڪيئي ڀيرا مون اوهان کي آئيني ذميواري بابت ٻڌايو آهي، تنهنڪري عرض آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي نامزدگي لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس فوري طور سڏايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button