آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ آيل سامونڊي طوفان “آئن” مجموعي طور 19 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون آهن، جڏهن ته روڊ رستا ۽ پليون پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ ڪري مختلف آبادين جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فلوريڊا جي متاثر ٿيل علائقن ۾ هيل تائين 22 لک واهپيدارن کي بجلي جي معطل ٿيل فراهمي بحال نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته رياست جي وچ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي بدترين صورتحال آهي، تنهن ڪري آئن طوفان کي فلوريڊا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي قدرتي آفت قرار ڏنو پيو وڃي. آمريڪي ميڊيا موجب آئن طوفان جو فلوريڊا بعد ڪئٽيگري ون جي شدت سان ڏکڻ ڪيرولائنا رياست سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن سامونڊي طوفان سبب وڏي پئماني تي نقصانن جي نتيجي ۾ فوتگين جو تعداد وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close