سنڌ

ڪچي پل ۾ مختلف ڳوٺن جي متاثرن جو احتجاجي مظاهرو

ڪچي پل ۾ يوسي بگو دڙي جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن اڄ ستين ڏينهن به اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان خاصخيلي ۽ مختيارڪار نصير چانڊيو خلاف گوادر موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي متاثرن عبيد چانڊيو، وزير چانڊيو، صابر چانڊيو، دريا خان کوسي سميت ٻين دانهيندي چيو ته ڪچي پل ۾ ٻوڏ متاثر انتظامي بي حسي سبب ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آھن. هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن لا موڪليل دوائون، ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان متاثرن بدران من پسند ۽ بااثر وڏيرن ۾ ورهايو پيو وڃي. هنن چيو ته ٻوڏ جي سبب اسان جا ڳوٺ لڙھي ويا ۽ فصل تباهه ٿيڻ ڪري معاشي ذريعو ختم ٿي ويو آهي. اسان کليل آسمان هيٺان نٽھڻ اس ۾ ويٺل آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي يوسي بگي دڙي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button