
سنڌ هاري ڪميٽي پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ثمر حيدر جتوئي، احمد نواز انقلابي ۽ ٻين چيو ته انتظامي نااهلي سبب ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ماڻهو بيمارين ۾ وٺجي ويا آهي، هارين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، ٻوڏ متاثرن کي فوري طور تي ڳوٺن ڏانهن واپسي ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي علائقن ۾ بيٺل پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪيو وڃي. زرعي قرض معاف ڪري تباهه ٿيل فصلن جو ازالو ڪيو وڃي. هنن چيو ته غريبن کي اڪيلو نه ڇڏبو.