
قمبر راھوجا محلي جي رهواسي عورت اميران بيگم پنهنجي پٽ ضمير راهوجو ۽ ڌيءَ صغران راھوجو سان گڏجي پريس ڪلب پهچي ڀائرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. متاثر عورت دانهيندي چيو ته سندس ڀائرن علي شير راھوجو، زاهد راھوجو ۽ فرحان راھوجو مونکي ۽ پٽ ضمير کي بنا جواز گهر ۾ گهڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن اهڙي شڪايت سٽي پوليس وٽ درج ڪرائي پر سٽي ٿاڻي جي وڏي منشي رياض پنهور رشوت وٺي کين گرفتار ناهي ڪيو ۽ هو آزاد گهمي رهيا آهن ۽ وڌيڪ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ايس پي قمبرشهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته مٿس تشدد ڪندڙ ڀائرن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏئي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.