
اسلام آباد :بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي لائن لاسز ۽ نقصانن جي ڪري عوام کي لوڊشيڊنگ سان گڏوگڏ واڌو بل ڀرڻا پيا آهن. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ نيپرا پاور پلانٽس جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش ۽ بجلي جي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ حفاظتي اپائن کي اڻپورو قرار ڏنو آهي. نيپرا رپورٽ موجب ورڇ ڪندڙ ڪمپنين بابت 2022 ۾ گردشي قرض ۾ 343 ارب جو واڌارو ٿيو ۽ رڳو لائن لاسز جي مد ۾ واهپيدارن کي بجلي بلن ۾ 113 ارب ڏيڻا پيا. نيپرا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنڊي ذريعي مجموعي نقصان 230 ارب تائين پهچي ويو، ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي اوڳاڙي 1680 ارب تائين پهچي وئي. پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 282 ارب اوڳاڙيون ڊيفالٽرز کان اوڳاڙڻ ۾ ناڪام رهي.