
اسلام آباد :وفاقي ڪابينا سفارتي سائفر بابت ليڪ ٿيندڙ آڊيوز تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، سندس ساٿي وزيرن ۽ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان خلاف قانوني ڪارروائي جي باضابطا طور منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا “ڊپلوميٽڪ سائفر” بابت آڊيو ليڪ تي ايف آءِ اي ذريعي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏني آهي. وفاقي ڪابينا 30 سيپٽمبر تي عمران خان جي سائفر بابت آڊيو ليڪ تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي هئي، ڪابينا ڪميٽي پهرين آڪٽوبر تي اجلاس ۾ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي. ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن کي سمري جي شڪل ۾ ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا “سرڪوليشن” ذريعي ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني. ڪابينا ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ چيو آهي ته اهو قومي سلامتي ڪميٽي جو معاملو آهي، جنهن جا قومي مفادن تي سنگين ناڪاري اثر آهن. قانوني ڪارروائي لازمي آهي، ايف آءِ اي سينيئر اختيارين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي. سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي انٽيليجنس ادارن مان به آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهي ٿي. ايف آءِ اي ٽيم ڏوهه ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري. واضح رهي ته سائفر بابت عمران خان جي پهرين آڊيو 28 سيپٽمبر ۽ ٻي 30 سيپٽمبر تي منظر تي آئي. آڊيو ليڪس ۾ عمران خان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر سائفر تبديل ڪرڻ بابت صلاح ڪري رهيا آهن.