حيدرآباد ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي وارثن بلديا پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. عورتن دانهيو ته بلديا پوليس 4 ڏينهن اڳ ۾ نوجوان عامر چنا کي کنڀي وئي، جنهن کي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي. هنن چيو ته عامر ڏوهاري نه پر پورهيت آهي. هن ته ڪو ڪيس داخل هو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها. پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري ظلم ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڪيس جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close