سنڌ

ڪڙيو گهنور ۾ اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا،شاگردن ۾ خوف

ڪڙيوگهنور جي وارڊ 4 ۾ غريب آباد ڪالوني ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ان دوران شاگردن خوف ۾ ڀڄي پنهنجي جان بچائي. ان ڏس ۾ استادن ٻڌايو ته صبح 10 وڳي ڌاري ٽين ڪلاس جي ڇت جي ڪمري جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، شاگردن پنهنجي جان ڀڄي بچائي آهي. ٻئي طرف اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او غلام قادر مسڻ اسڪول پهچي واقعي جا تفصيل ورتا. رهواسين مطالبو ڪيو ته اسڪول جي مرمت ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button