سنڌ

سنڌ ۾ 2 هزار ڊينٽل ڊاڪٽرن جون نوڪريون ظاهر ڪريو:ينگ ڊاڪٽرس

ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن لمس جي صدر ڊاڪٽر روشن چانڊيو، ڊاڪٽر صدام رند، ڊاڪٽر ڪاشف شر، ڊاڪٽر رانا اشفاق، ڊاڪٽر سليم گهوٽو، ڊاڪٽر زين خاصخيلي، ڊاڪٽر فيضان ميمڻ ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت 14 سالن ۾ فقط 385 ڊينٽل ڊاڪٽرس جون پوسٽون ظاهر ڪيون. ڊبليو ايڇ او موجب 10 هزار ماڻهن تي هڪ ڊينٽل ڊاڪٽر هجڻ ضروري آهي. 2008 کان 2022 تائين صحت کاتي سنڌ ۾ فقط 385 ڊينٽل ڊاڪٽرس ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 2022 ۾ فقط سڄي سنڌ لاءِ 50 ڊينٽل ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ ميل، فيميل، معذور، اقليتي ڪوٽا پڻ شامل آهي ته پوءِ ميرٽ تي گهڻا ڊاڪٽر ڀرتي ٿيندا. هن چيو ته سنڌ ۾ هر سال خانگي توڙي سرڪاري تعليمي ادارن مان 1250 ڊينٽل ڊاڪٽر پاس آئوٽ ٿين ٿا. جڏهن ته 17 سئو ڊاڪٽر گريجوئيٽ ڪري چڪا آهن، جن لاءِ موجوده دور ترقي لاءِ ڪي به موقعا موجود ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button