سنڌ

حيدرآباد کان سکر تائين موٽر وي ٺاهڻ جي منظوري، 30 مهينا لڳندا

سنڌ جي عوام جو پراڻو مطالبو منظور ٿيڻ جون اميدون پيدا ٿي ويون، مواصلات واري وفاقي وزارت حيدرآباد کان سکر تائين موٽر وي ايم-6 ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ٿيل اجلاس ۾ موٽر وي ايم-6 (حيدرآباد کان سکر) جي اڏاوت لاءِ ٺيڪو منظور ڪيو ويو، هن ميگا پراجيڪٽ تحت 306 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي سنڌ جي عوام جو پراڻو مطالبو هو، جنهن کي هاڻوڪي جمهوري حڪومت پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته موٽر وي ايم سڪس جي تعمير 30 مهينن اندر مڪمل ڪئي ويندي، جنهن تي 15 انٽر چينج، سنڌو درياهه تي هڪ وڏي پل ۽ واهن تي 82 پليون ٺاهيون وينديون، موٽر وي ايم سڪس تي 6 فلاءِ اوور ۽ 10 سروس ايرياز به ٺاهيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button