پاڪستان

احتساب ڪرڻو آهي ته غير جمهوري طريقا ڇڏي پارليامينٽ ۾ اچڻو پوندو:بلاول ڀٽو

پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماضي ۾ وزيراعظم غير جمهوري طريقي سان گهر موڪليا ويا، عمران خان پهريون وزيراعظم هو، جنهن کي جمهوري طريقي سان گهر موڪليو ويو. اميد ڪريان ٿو ته اپوزيشن غير جمهوري طريقا اختيار ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ ايندي. لاهور ۾ عاصما جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ جو جمهوري طريقو بي اعتمادي رٿ آهي، عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم هو پر اسان کيس جمهوري طريقي سان گهر موڪليو، اسان کي عدليا يا ٻئي ڪنهن ڏانهن ڏسڻ نه گهرجي، مستقبل ۾ ڪنهن وزيراعظم جو احتساب ڪرڻو هجي ته جمهوري طريقو اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان معيشت کي نقصان پهچايو جنهن جو بار اڄ پاڪستاني عوام تي پئجي رهيو آهي، اسان سياسي قيمت ادا ڪري پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالي کان بچايو ۽ عوام کي ڏکيائين مان ڪڍيو، اڃا مس ڏيوالي کان بچياسين ته مٿان ٻوڏ اچي وئي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هينئر به ماڻهو پريشان آهن، سڄو پاڪستان متاثر ٿيو آهي، منهنجي درخواست آهي ته سياسي معاملن ۾ ٻوڏ متاثرن کي نه وساريو، اسان سڀني کي گڏجي متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، سياسي جهيڙا هلندا رهندا، اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان گڏجي پاڪستان ۾ جمهوريت جو بچاءُ ڪنداسين، گڏجي اها ڪوشش ڪنداسين ته نئين نسل کي انتهاپسندي کان بچايون، مذهبي ۽ سياسي انتهاپسندي جو مقابلو ڪنداسين. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسلام آباد جو گهيرو سياسي انتهاپسندي آهي، ڀارت، آمريڪا ۽ يورپ ۾ به سياسي انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون جمهوريت تي يقين رکن ٿيون، اڄ عاصما جهانگير حيات هجي ها ته مون کان اهو پڇي ها پرڏيهي وزير ڊيل ڪري ته ناهين ٿيو؟ مان کيس جواب ڏيان ها ته بلڪل نه. جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي انتهاپسند جي نشاني تي اسلام آباد ۽ اسلام آباد جو گهيرو آهي ته آمريڪا ۾ به انتهاپسندن جي نشاني تي واشنگٽن ڊي سي ۽ جمهوري نظام آهي. هن چيو ته اسان نئين نسل مان اميد ڪريون ٿا ته اهو جمهوريت، ترقي ۽ سچ جو ساٿ ڏيندو، انتشار، انتها پسندي ۽ فقط هڪ ماڻهو جي انا کي رد ڪري ڇڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button