پاڪستان

هي حڪومت به اسان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ بيوس آهي:اختر مينگل

بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) سربراهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر اختر مينگل چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين کان اڳ انهن سان ڳالهيون ڪيو، جن سان توهان جو اڻٽٽ رشتو آهي. خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اختر مينگل چيو ته اسان جي جماعت تحريڪ انصاف حڪومت جي تبديلي جي حق ۾ نه هئي، اڄ به اهو ئي موقف آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هٽائڻ سان اسان کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي تڪبر ٻوڙيو آهي، تحريڪ انصاف جا پنهنجا ميمبر باغي نه ٿين ها ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿئي ها. سندس چوڻ هو ته طالبان کان اڳ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جن سان توهان جو اڻٽٽ رشتو آهي، شهباز شريف سان ملاقات ڪري خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، موجوده حڪومت به اسان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ بي وس نظر اچي رهي آهي. بي اين پي سربراهه چيو ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسان جن ڏانهن اشارو ڪندا هئاسين، عمران خان تسبيح تي انهن جو نالو کڻي تعريف ڪندو هو، عمران خان سان اسان جو مسئلو گم ٿيل ماڻهن ۽ ڊولپمينٽ جو هو. اختر مينگل چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ بلوچستان جي اهميت ناهي پر جڏهن ووٽن جي ضرورت پئي ته بلوچستان ياد ايندو آهي، گذريل حڪومت ۾ اسان آواز اٿاريندا رهياسين پر ڪنهن نه ٻڌو. موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو درست ناهي، ڪالهه ٻيو ڪو پڇتائي رهيو هو اڄ عمران خان پڇتائي رهيو آهي، ائين نه ٿئي سڀاڻي اسان پڇتايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button