سنڌ

نصرت ڀٽو ثابت قدم رهندڙ قدآور شخصيت هئي:وڏو وزير

مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي دنيا مان لاڏاڻو ڪندي 11 سال گذري ويا سندس ورسي آچر تي مهائي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو جي 11هين ورسي تي پيغام ڏيندي چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو هڪ ثابت قدم ۽ قدآور شخصيت هئي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جنهن بهادري سان شهيد ڀٽو جو مشن اڳتي وڌايو، اهو هميشه ياد رکيو ويندو. هن پيپلزپارٽي ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو ئي جمهوريت جي بقا جو سبب بڻيو. مراد علي شاهه چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هن ملڪ ۾ جمهوريت جي جدوجهد ۾ جيڪي قربانيون ڏنيون، ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button