سنڌ

نصرت ڀٽو طاقتور آمرن جو بهادري سان مقابلو ڪيو:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نصرت ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مادر جمهوريت جي ملڪ قوم ۽ جموريت لاءِ جدوجهد بي مثال آهي ۽ ان جي قربانين جي هڪ تاريخ آهي، هن وقت جي طاقتورن آمرن جو بهادري سان مقابلو ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ان جو ڪوئي مثال نٿو ملي. هن جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ مادر جمهوريت عوامي جدوجهد جي قيادت ڪئي. هن جمهوريت ۽ عوام لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳا صدما سٺا. آصف زرداري چيو ته 18هين آئيني ترميم مادر جمهوريت جي خواب جي تعبير آهي بيگم نصرت ڀٽو سياست ۾ صبر برداشت ۽ مفاهمت جو درست ڏنو، جيڪو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button