سنڌ

نصرت ڀٽو جي جدوجهد اسان لا مشعل راهه آهي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو اسان کي سيکاريو آهي ته برداشت ۽ صبر کان وڏي ڪائي جرئت نه آهي، جرم جي اونداهين ۾ حق جو آواز بلند ڪرڻ کان وڌيڪ ڪوئي اطمينان نه آهي. جمهوريت ۽ پاڪستان کان وڌيڪ ڪجهه به پيارو نه آهي، ميديا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان مطابق پي پي چيئرمين بيگم نصرت ڀٽو جي 11هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مادر جمهوريت کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي چيو ته هو جمهوريت پسندن لاءِ همت، عزم ۽ استقلال جو نور جو منارو هئي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ ان جي گهرڀاتين جي ذڪر کان سواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مادر جمهوريت ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪيو، ذاتي سانحه برداشت ڪيا ۽ پنهنجي غم کي طاقت ۾ تبديل ڪري عوامي حقن جي حفاظت ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي قيادت ۽ جيالا مادر جمهوريت کي صرف اڄوڪي ڏينهن نه پر روزانو ياد ڪن ٿا. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار، جدوجهد ۽ قربانيون اسان لاءِ مشعل راهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button