پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ پرائمري اسڪول کي عمارت نه ملي، فرنيچر جي به کوٽ

مسڻ وڏي: يوسي مسڻ جي ڳوٺ سوڀارو مڱريو جي پرائمري اسڪول کي عمارت نه ملي. پاڪستان ۽ سنڌ کي والي بال راند ذريعي سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪندڙ والي بال جي قومي رانديگر مرحوم سونو خان مڱريو جي ڳوٺ کي سنڌ سرڪار پرائمري اسڪول ته ڏنو، پر عمارت ۽ فرنيچر سميت ڪا سهولت نه ڏني، جنهن سبب معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، 12 سالن کان وڌيڪ عرصو منظور ٿيل اسڪول ۾ رڳو هڪ استاد مقرر ڪيو ويو. مرحوم سونو خان مڱريو جي پٽ محمد اسلم مڱريو ٻڌايو ته بابا سونو خان مڱريو ملڪ ۽ سنڌ جو والي بال راند ۾ نالو روشن ڪيو، بدلي ۾ وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت بابا کي ڪجهھ به نه ڏنو، هڪ پرائمري اسڪول منظور ٿيو، جنهن جي ڪا به عمارت ناهي، نه وري فرنيچر ڏنو ويو آهي. ڳوٺاڻن محمد اسلم مڱريو، محبوب مڱريو، عبدالقادر مڱريو، اختر مڱريو، ارشد مڱريو، راشد مڱريو ۽ ٻين صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته پرائمري اسڪول کي عمارت ڏئي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button