دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين ڏاڏي ڪرم الله، والد مختيار ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ستار چانڊيو جي وڪيل جي غير حاضر هجڻ سبب جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردار 5 سالن کان دير جا هربا استعمال ڪري رهيا آهن، اڄ به هڪ جوابدار جي وڪيل کي ٻڌڻي تي اچڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، هو ڪيتري دير تائين قانون کان لڪندا، هڪ ڏينهن کين سزا ضرور ملندي، سردار منصوبابندي تحت قتل ڪرائي سگهن ٿا ته هو هڪ جوابدار جي وڪيل کي ٻڌڻي تي اچڻ کان روڪي به سگهن ٿا، جوابدار جو وڪيل نه هجڻ سبب فرد جرم لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، جوابدارن 5 سالن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان کي عدالتن تي يقين آهي، اڄ عدالت اهو طئي ڪيو آهي ته ڪوبه جوابدار ڪيس کي وڌيڪ التويٰ ۾ نه ٿو رکي سگهي ۽ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، انشاالله جوابدارن کي سزا ايندي، اسان وٽ اکين ڏٺا شاهد ۽ ثبوت موجود آهن، مان پر اميد آهيان ته سردارن کي ڦاهي جي سزا ايندي. ٻئي پاسي ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڪيس هلندو ته نيٺ کٽندو، اسان سڄي عمر ڪورٽ ۾ نه بيٺا هونداسين، اسان کي بريت جي 200 سيڪڙو اميد آهي، ڪوڙ کي نيٺ کٽڻو آهي، ڪوڙي کي اسان گهر تائين ڇڏي اينداسين، ميهڙ شهر ۾ منشيات فريادي ڌر جي گهر ۾ پوليس سرپرستي ۾ هلي ٿي، اسان کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو مقصد اهو آهي ته فريادي ڌر کي پنهنجو کاتو سڌو ڪرڻو آهي، ام رباب جي ڏاڏي ۽ والد تي منشيات جا ڪيس آهن، اسان خلاف بيهاريل شاهد منشيات فروش آهن، جن تي پڻ سالن کان ڪيس داخل آهن، ميهڙ ۾ موٽرسائيڪل يا گاڏين جي ڦرجڻ جا پيرا هنن طرف وڃن ٿا، اسان جئين سرخرو آهيون، تئين ئي رهنداسين. عدالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو کي حيدرآباد سينٽر جيل مان دادو جي ماڊل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close