سنڌ

عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد رتو ڇاڻ ڪرائڻ آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، هي شخص پنهنجي ذاتي مفادن کان سواءِ ٻي ڪابه سوچ سمجھه نٿو رکي. صوبائي وزير پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد ڪا مھم جوئي يا رتو ڇاڻ ڪرائڻ آهي ته جيئن هو پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگھي. هن چيو ته عمران خان گھڙي چوري، مني لانڊرنگ، توشا خاني جا تحفا سستا خريد ڪري مهانگا وڪڻڻ، پنجاب ۾ رشوت وٺي بدلين ۽ مقررين کي جائز ۽ پنهنجو حق سمجھي ٿو، عمران خان ميگا اسڪينڊلز مان عدالتن کان اسٽي آرڊر جي ذريعي بچندو رھيو آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستان جو بادشاهه بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ھو ملڪ جي ادارن کي پنھنجي آڱرين تي نچائي سگھي، عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ جا سمورا ادارا سندس غلام ھجن. ھن وڌيڪ چيو ته عمران پاڪستان جو وڏو ڪوڙو ماڻھو آھي. عمران خان جي ادارن خلاف گندي مھم سبب کيس ڀارتي ميڊيا پاڪستان جو ھيرو بڻائي پيش ڪري رھي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button