پاڪستانسنڌ

دادو لڳ ٿر جي مسڪين پورهيت جي ٻڪري چوري

دادو: دادو ڀرسان جتوئي ڦاٽڪ وٽ ٿر واسين جي رات دير سان نامعلوم چور ناياب نسل جي ٻڪري چوري ڪري ويا، پوليس پاران ڳولا ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي زال مڙس پاڪ ڪتاب کڻي مختلف ڳوٺن ۾ روئيندي ٻڪري واپس ڪرڻ جي اپيل ڪئي. عورت گلابان ۽ سندس مڙس لاکو چيو ته ٿر مان دادو ۾ سارين جو لابارو ۽ وونئڻن جو چونڊو ڪرڻ آياسين، پر ظالم چور ٻڪري ڪاهي ويا. عورت گلابان چيو بي اولادي آهيان، ٻڪري کي اولاد وانگر پاليو، پر چور ٻڪري چوري ڪري ويا آهن، شڪايت باوجود پوليس مدد نٿي ڪري. هن گهر ڪئي ته ٻڪري واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button