پاڪستانسنڌ

ٻرهوڻ لڳ بند مضبوط نه ڪرڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

شھدادپور: ٻرهوڻ ڀرسان صوفي شاعر مانجهي فقير ۽ پ پ اڳواڻ سيد ولي محمد شاھه جي اڳواڻي ۾ ايل بي او ڊي جي ويسٽ ڊرين سم نالي جي کاٽي ۾ ٻه اکيائي، بندن کي مضبوط نه ڪرڻ، ڳوٺ مان برساتي ۽ سم نالي جي گهارن سبب پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال خلاف سم نالي جي هلندڙ کاٽي واري هنڌ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن دانهون ڪندي چيو ته ايل بي او ڊي ويسٽ ڊرين ۾ برسات دوران پاڻي جي دٻا سبب هنڌان هنڌان گهارا پيا ھئا، جنهن ڪري ٻرهوڻ يوسي جا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ھن وقت به پاڻي هيٺ آھن. جنهن جي نيڪال لا انتظاميا ڪو تحرڪ ناهي ورتو. هنن ٻڌايو ته هن وقت سم نالي جي کاٽي هلندڙ آھي. جيڪا نالي ماتر کنئي پئي وڃي. سم نالي جا بند ڪمزور آھن. جن کي مضبوط ڪرڻ لا اسان جي دانهن ڪير ٻڌي نٿو. هنن مطالبو ڪيو ته سم نالي جي کاٽي هيٺ گهري کڻي 5 فوٽن تائين بند مضبوط ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button