عمرڪوٽ: مرلي وڄائي دنيا ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ صدارتي ايوارڊ يافتا فنڪار مصري جوڳي جي خيرات جي ماني ٿي گذري، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل جوڳي برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي، سڄي رات ستسنگ ۽ ڀڳتي ڪري مصري جوڳي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. مرلي جي ڌن تي نانگ نچائي دنيا ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ صدارتي ايواڊ يافتا ناليواري فنڪار جوڳي برادري جي سردار مصري جوڳي جي خيرات جي ماني عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ويھرو لڳ مصري جوڳي ڪالوني ۾ ٿي، جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه سوڍو جي پٽ ڪنور ڪرني سنگھه سوڍو، سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي سي او انجنئير ڪنيا موھن لال، سرڳواسي جي پٽ مور جوڳي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، منعقد تقريب دوران سڄي رات ڀڳتي ستسنگ پڻ ٿيو. ان موقعي تي ڪنور ڪرني سنگھه سوڍو ۽ ٻين مصري جوڳي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي مصري جوڳي جي پٽ مور جوڳي صحافين کي ٻڌايو ته والد جي سرڳواس پڌارڻ کانپو اسانجي ريتي رواج جي حساب سان پھريون تھوار گذرڻ بعد خيرات جي ماني (ٻارس) ٿي آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close