پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ صدارتي ايوارڊ يافتا فنڪار مصري جوڳي کي ڀيٽا پيش

عمرڪوٽ: مرلي وڄائي دنيا ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ صدارتي ايوارڊ يافتا فنڪار مصري جوڳي جي خيرات جي ماني ٿي گذري، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل جوڳي برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي، سڄي رات ستسنگ ۽ ڀڳتي ڪري مصري جوڳي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. مرلي جي ڌن تي نانگ نچائي دنيا ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ صدارتي ايواڊ يافتا ناليواري فنڪار جوڳي برادري جي سردار مصري جوڳي جي خيرات جي ماني عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ويھرو لڳ مصري جوڳي ڪالوني ۾ ٿي، جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه سوڍو جي پٽ ڪنور ڪرني سنگھه سوڍو، سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي سي او انجنئير ڪنيا موھن لال، سرڳواسي جي پٽ مور جوڳي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، منعقد تقريب دوران سڄي رات ڀڳتي ستسنگ پڻ ٿيو. ان موقعي تي ڪنور ڪرني سنگھه سوڍو ۽ ٻين مصري جوڳي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي مصري جوڳي جي پٽ مور جوڳي صحافين کي ٻڌايو ته والد جي سرڳواس پڌارڻ کانپو اسانجي ريتي رواج جي حساب سان پھريون تھوار گذرڻ بعد خيرات جي ماني (ٻارس) ٿي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button