پاڪستان کي قسمت جي چڪر ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيندي ٿيندي اوچتو سيمي فائنل تائين پهچائي ڇڏيو، نيڌرلينڊ جي ڏکڻ آفريڪا کي ڏنل اپ سيٽ شڪست پاڪستان لا رستو کوليو ۽ قومي ٽيم راهه جي وڏي رنڊڪ بنگلاديش کي لتاڙي فائنل-4 ٽيمن ۾ جا سنڀالي ورتي، جتي پاڪستان جو نيوزيلينڊ سان پهرين سيمي فائنل ۾ 9 نومبر تي دنگل ٿيندو. ايڊيليڊ اوول ۾ ٽي-20 ورلڊ ڪپ 2022ع جي سپر- 12 مرحلي جي پڄاڻي ٿي وئي. پاڪستان آخري گروپ مئچ ۾ بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لا ڪواليفا ڪري ورتو. بنگلاديشي ٽيم ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ جو فيصلو ڪيو پر پاڪستان جي شاندار بالنگ سبب مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي سگهيا، نجم الحسين شانتو 54 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته عافف حسين 24، سوميا سرڪار 20 ۽ لٽن داس 10 رنسن تائين محدود رهيا. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، شاداب خان 2، حارث رئوف ۽ افتخار احمد هڪ هڪ شڪار ڪيو. پاڪستان گهربل هدف پنج وڪيٽون وڃائي 19 اوور جي پهرين بال تي مڪمل ڪري ورتو. محمد رضوان 32، محمد حارث 31، ڪپتان بابر اعظم 25، افتخار احمد هڪ ۽ محمد نواز 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شان مسعود 24 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close