عالمي

تنزانيا ۾ هوائي جهاز ڍنڍ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، 19 مسافر فوت

تنزانيا ۾ مسافر جهاز وڪٽوريا ڍنڍ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 19 مسافر فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 26 ڄڻن کي حفاظت سان بچايو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پريسجن ايئر جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پريسجن ايئر جو مسافر جهاز طوفاني موسم سبب ڍنڍ جي ڪناري شهر بوڪوبا جي هوائي اڏي تي لينڊنگ جي ڪوشش دوران وڪٽوريا ڍنڍ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، ڍنڍ ۾ جهاز جي ملبي طرف ريسڪيو بوٽس کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته رضاڪارن طرفان جهاز ۾ ڦاٿل مسافرن کي ڪڍڻ وارو ڪم جاري آهي. ڄاڻايل جهاز 12 سال پراڻو هو، جنهن 2010ع ۾ پهرين اڏام ڀري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button