مٽياري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو پليجو جو رهواسي پاڪ فوج جو جوان منٺار ملاح پٽ ميهار ملاح ملڪ دشمن دهشتگردن سان ڪشمير بارڊر تي مهاڏو اٽڪائيندي وطن پاڪستان جي حفاظت ۽ سلامتي لا وڙھندي شهيد ٿي ويو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين سميت پاڪ فوج جوانن شرڪت ڪئي، ان بعد کيس فوجي اعزاز سان سلامي ڏئي درگاهه حاجن شاهه قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. شهيد ٿيل فوجي جوان منٺار ملاح کي نياڻي جو اولاد آھي. سوڳوارن ۾ سندس پي ۽ ڀائر شامل آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close