پاڪستانعالمي

ترڪي جي حڪومت عمران خان کي پنهنجي ملڪ ۾ علاج جي آڇ ڪري ڇڏي

ترڪي جي حڪومت تحريڪ انصاف جي زخمي ٿيل چيئرمين عمران خان کي پنهنجي ملڪ ۾ علاج جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير ميلوت اوغلو تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان رابطو ڪيو. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن عمران خان علاج لا اسان جي ملڪ اچڻ چاهي ته کيس سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ٻئي طرف لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي، مٿس شڪ ڪرڻ جي گنجائش ناهي. هن چيو ته پرويز الاهي عمران خان کي گجرات ۾ ميزباني جي دعوت ڏني هئي، کيس گجرات ۾ ميزباني ڪرڻي هئي پر اتي هڪ عنصر آهي جيڪو ان ڳالهه کي مختلف رنگ ڏئي ٿو هن چيو پي ٽي آءِ طرفان انهن ملڪن جو ٿورائتو آهيان جن عمران خان جي خيريت معلوم ڪئي، ترڪي جي پرڏيهي وزير ميلوت اوغلو سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن عمران خان کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button