مٺي: مٺي جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپايو مال مختلف بيمارين وگهي مرڻ لڳو، ڳوٺاڻن لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن خلاف ڪشمير چوڪ تي آفتاب سميجو، اعجاز بلوچ، اشوڪ خاموش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لائيو اسٽاڪ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مالوندن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٺي جي مختلف ڳوٺن جوڙوئو، آمريو، لوڻهيار، ڀاڏارو، ڌراڙ، ڪلو جي وانڊ ۽ کارو جوڻيجا ۾ مال ۾ بيمارين وگهي ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي، هن وقت ٿر ۾ چوپايو مال بيمارين وگهي مال مري رهيو آهي، لائيو اسٽاڪ کاتي جا ڪامورا سياسي ڀوتارن جي بنگلن تي حاضري ڀرڻ ۾ مصروف آهن، اسان لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته چوپائي مال کي وئڪسين ڪري مال کي مرڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close