ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره مديحه رضوي ۽ سندس مڙس حسن نعمان ۾ شادي جي 9 سالن کانپوءِ طلاق ٿي وئي. مديحا رضوي مشهور اداڪارا ديبا جي ڌيءَ آهي جڏهن ته حسن نعمان مشهور اداڪار راشد ناز جو پٽ آهي. ٻنهي جي شادي 2013ع ۾ ٿي هئي ۽ کين ٻه ڌيئرون آهن. مديحه رضوي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي مڙس کان طلاق بابت ٻڌايو. اداڪاره لکيو ته ڪيترائي سال گڏ گذارڻ کانپوءِ حسن ۽ مون طلاق جو حتمي فيصلو خوشيءَ سان ڪري ورتو آهي. اسان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن لکيو ته آخر ۾ نتيجو اهو نڪتو ته اسان جدا ٿي ويا سين پر پنهنجي ڌيئرن لاءِ هڪ خاندان وانگر گڏ رهنداسين. مديحه رضوي پنهنجي مداحن کي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي ڌيئرن ۽ اسان جي پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close