پاڪستان

صحافي ارشد شريف جي گاڏي گولين سان پروڻ، وڊيو ۽ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

سينيئر صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ جنهن گاڏي اندر قتل ڪيو ويو، ان جي اهم وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ شهيد صحافي جي گاڏي تي گولين جا نشان واضح طور نظر اچي رهيا آهن. ميڊيا جي رپورٽ مطابق گاڏي تي موجود گولين جي نشانن مان اهو چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪينيا جي پوليس ارشد شريف جي گاڏي تي 9 يا ان کان وڌيڪ گوليون هلايون، گاڏي تي ارشد شريف واري پاسي رت جا نشان نظر اچن ٿا پر ڊرائيور واري سيٽ ڏانهن ڪجهه به نه ٿيڻ جا واضح اشارا ملن ٿا. ٻئي طرف ذريعن اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته جنهن رات قتل جي واردات ٿي، تنهن رات ارشد شريف سان گڏ شوٽنگ رينج ۾ 10 آمريڪي به موجود هئا. ڪينيا جي حڪومت جي ڀروسي جوڳن ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ارشد شريف قتل واري رات ايموڊمپ شوٽنگ رينج ۾ موجود هو، جڏهن ته انسٽرڪٽر ۽ ٽرينر به ساڳئي هنڌ موجود هئا، ارشد شريف 22 ۽ 23 آڪٽوبر جي وچ واري رات آمريڪي انسٽرڪٽرز ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ ڊنر به ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button