پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي ٻوڏ متاثرن ۾ صحت ۽ صفائي جي سامان جي ورهاست

حيدرآباد: سماجي تنظيم شرڪت گاهه پاران توشي فائونڊيشن جي تعاون سان حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ 500 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر بيواهه عورتن، پيرسن عورتن، معذورن ۽ ٽرانسجينڊرز ڪميونٽي ۾ صحت ۽ صفائي وارو سامان ورهايو ويو. ان موقعي تي شرڪت گاهه جي سينيئر پروگرام آفيسر خديجه پروين چيو ته کاڌ ۽ خوراڪ جون ضررتون ڪنهن نه ڪنهن نموني پوريون ٿي وڃن ٿيون. سماجي تنظيمون ۽ سرندي وارا مدد ڪندا آهن پر صحت ۽ صفائي لاءِ گهربل سامان طرف ماڻهن جو گهٽ ڌيان ويندو آهي. ان ڪري اسان حيدرآباد جي علائقن آزاد نگر، ڳوٺ محمد بخش ٻرهام، غلام نبي ڪورائي، گل بيگ چانڊيو، نيڪ محمد چنا، اڀايو خان، بينظير ڪالوني، ڪرسچن ڪالوني لڳ ڦليلي واهه، واڻڪي وسي، حالي روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ صحت ۽ صفائي وارو سامان ورهايو آهي. صحت ۽ صفائي وارو سامان ملڻ سان پٺ تي پيل ماڻهن کي پنهنجي صحت بهتر ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button