اسلام آبادپاڪستان

پاڻ سڳورن صه رستا بند ڪرڻ جي عمل کي شيطاني قرار ڏنو آهي:جسٽس فائز

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ احتجاج دوران روڊن جي بندش تي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڻ سڳورن صه جن رستا بند ڪرڻ جي عمل کي شيطاني قرار ڏنو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا اهي ريمارڪس هن طرفان لکيل خط ۾ سامهون آيا آهن، جنهن ۾ هن اسلام آباد ۾ احتجاج دوران پيش ايندڙ صورتحال تي وضاحت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڻ سڳورن صه جن رستا بند ڪرڻ جي عمل کي شيطاني قرار ڏنو. عدالت عظميٰ روڊن جي بندش سان بنيادي حقن جي پائمالي تي فيصلا ڏنا آهن، جن ۾ واضح آهي ته اجازت بنا روڊن تي ميڙاڪا نٿا ٿي سگهن. سندس موجب ٻين جا بنيادي حق متاثر ڪري اظهار جي آزادي جو حق استعمال نٿو ڪري سگهجي. اڻڄاتل مدي تائين روڊن تي گڏ نٿو ٿي سگهجي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو رنڊڪون وجهن، انهن کي قانون تحت جوابده قرار ڏيڻ لازمي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رياست طرفان اها ذميواري ناهي ته احتجاج ڪندڙن جي ميڙاڪي کي آسان بڻائي، رياست جي پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button