عالمي

آمريڪا ۾ وچ مدي واريون چونڊون، ري پبلڪنز کي واضح سرسي حاصل

آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۾ مختلف رياستن اندر پولنگ ختم ٿيڻ بعد نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آمريڪي ميڊيا مطابق ايوان نمائندگان ۾ ري پبلڪنز اميدوارن کي 203 سيٽن تي برتري حاصل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽس اڃا تائين 187 سيٽن تي سوڀارا ٿيا آهن. آمريڪي سينيٽ ۾ ٻنهي پارٽين جون هڪ جيتريون 48- 48 سيٽون آهن، جڏهن ته فيصلائتي برتري لا چئن رياستن جي نتيجن جو انتظار ڪيو پيو وڃي، جن ۾ جارجيا، وسڪونسن، ايريزونا ۽ نيواڊا شامل آهن، جتان اڃا نتيجا پڌرا ٿيڻا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button