سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪتن راند کيڏندڙ 11 ٻارڙن کي ڏاڙهي ڇڏيو

لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني ۾ رولو ڪتن راند کيڏندڙ 11 ٻارن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جن ۾ 6 سالن جو احمد رضا پٽ غازي خان بروهي، 45 سالن جو اعجازِ پٽ سائين رکيو، 5 ورهين جي دلڪش ڌيءَ اعجاز علي، 13 ورهين جو رجب پٽ جهنگل خان، 8 ورهين جو محسن پٽ خدا بخش، 9 ورهين جو مدثر پٽ شڪيل، 12 ورهين جو فهيم پٽ نور، 14 ورهين جو احسن پٽ غلام، 12 ورهين جو علي رضا پٽ زاھد علي، 7 ورهين جو ڪاشف پٽ عاشق، 20 ورهين جو حسنين پٽ قمبر ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي ويڪسين ڪرائي وئي. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڙي ۾ ڪتا مهم شروع ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button