
ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪمرانن پنهنجي مفاد پرست پاليسين سان ملڪ ۽ قوم کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن جي اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي جرئتمنداڻي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، سنڌ باب الالسلام آهي، اهو وقت پري ناهي، جڏهن هن ڌرتي تي قرآن ۽ سنت جو قانون نافذ هوندو، اسلام جو رستو روڪڻ وارن باطل قوتن جي ڇاڙتن جو منهن ڪارو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هالا منصوره ۾ جماعت اسلامي ضلعي مٽياري جي نئين چونڊيل امير اياز احمد اصلاحي جي تقريب حلف برداري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي امير ضلع حافظ لطف الله ڀٽو، فقير محمد لاکو، مدير جامعه مولانا احسن ڀٽو سميت مختلف سياسي، سماجي، ديني ۽ قومپرست جماعتن جي ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.