
نئون ڪوٽ: جيئي سنڌ محاذ مرڪز جي سڏ تي جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ طرفان نئون ڪوٽ ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن حنيف مرڙاڻي، جاني مرڙاڻي، سرمد سلطان دل، رامچند ڪولھي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي گھر تي رينجرس ۽ پوليس جي چڙھائي شرمناڪ عمل آهي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، کنڀي گم ڪيل بيگناھه ڪارڪنن کي فورن آزاد ڪري ٻوڏ متاثرن جي ٻيھر آبادڪاري لا اپا ورتا وڃن ۽ افغانين سميت 1954 کانپو آيل تمام ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.