
اسلام آباد:قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته چين ۾ هن وقت 236 پاڪستاني قيد آهن جن ۾ 3 عورتون شامل آهن. بيجنگ ۾ 121، شنگهائي ۾ 12 ۽ چنگدو ۾ 13، جڏهن ته بائونفشرو ۾ هن وقت 90 پاڪستاني قيد آهن. جمعي تي قومي اسيمبلي کي لکت ۾ پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته چين ۾ هن وقت 236 پاڪستاني قيد آهن جن ۾ 3 عورتون شامل آهن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سزا يافتا ماڻهن جي منتقلي جو معاهدو آڪٽوبر 2020 ۾ لاڳو ٿيو. معاهدي تحت 21 پاڪستانين جي پهرين بيچ جي منتقلي لاءِ درخواست مارچ 2022 ۾ چيني انصاف واري وزارت کي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي منظوري لاءِ پاڪستاني مشن چيني اختيارين سان رابطي ۾ آهي. قومي اسيمبلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آئي جي حڪومت جي دور ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيترا ماڻهو ڀرتي ٿيا ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. قانون واري وزارت لکت جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ماڊل ڪورٽس قائم ڪرڻ وفاقي حڪومت جو قدم نه آهي ماڊل ڪورٽ جو انتطام سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي. وزارت کي ان حوالي سان ڪابه معلومات نه آهي. وزارت قانون ۽ انصاف واري ڪميشن ۽ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي سان رابطو ڪيو آهي. معلومات فراهم ڪرڻ جي درخواست جو اڃا تائين انتظار آهي.