اسلام آبادپاڪستان

جٿن جي ڳالهه نه پهرين مڃي هئي نه ئي هاڻ مڃينداسين: نواز شريف

وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پارٽي سربراهه ۽ پنهنجي وڏي ڀا نواز شريف سان ٻن ڏينهن اندر ٻيو ڀيرو ۽ مجموعي طور ٽئين ملاقات ڪئي، جنهن دوران آرمي چيف جي مقرري، ايندڙ عام چونڊن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو پر ائين نه ٿيندو. ملاقات بعد ميڊيا سان مختصر ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو، ڪنهن ڏينهن تفصيل سان ويهي ٻڌائينداسين، دعا ڪريو ته الله تعاليٰ معاملن کي بهتر ڪري، ملڪ کي به بهتر رستي تي آڻي، ملڪ هن وقت مشڪل ۾ آهي. هن عمران خان جي لانگ مارچ تي تبصرو ڪندي چيو ته جٿن جي ڳالهه نه پهرين ڪڏهن مڃي هئي نه ئي هاڻ مڃينداسين. ٻئي طرف ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پارٽي سربراهه نواز شريف سان آرمي چيف جي اهم مقرري تي صلاح مشورو مڪمل ڪري ورتو آهي، ٻنهي اڳواڻن اهم مقرري جا نالا وقت کان اڳ ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته حتمي فيصلو اتحادين سان مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، اڳواڻن اتفاق را سان فيصلو ڪيو ته وزيراعظم آرمي چيف جي مقرري بابت پنهنجي اختيار تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻندو. نواز شريف ملاقات دوران وزيراعظم کي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ عمران خان جي لانگ مارچ تي ڪو ردعمل ظاهر نه ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي، عمران خان طرفان فوري طور اليڪشن ڪرائڻ وارو مطالبو هرگز تسليم نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نواز شريف وزيراعظم کي هدايتون ڏنيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران تي ضابطو آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button