اسلام آبادپاڪستان

پنجاب ۾ حڪومت اسان جي،پو به بيوس آهييون:شاهه محمود

اسلام آباد : پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب ۾ حڪومت اسان جي آهي، ان جي باوجود بي وسي آهي. اها بي وسي ٻڌائي ٿي ته ڪجهه ماڻهو قانون کان مٿانهون آهن. اسان اميد ڪري رهيا آهيون ته اسان کي انصاف ملندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سڀني کي قانون جي نظر ۾ برابر هجڻ گهرجي، اسان جي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي. پوليس کي اسان جو موقف ٻڌڻ گهرجي ها. هن چيو ته اسان جي جدوجهد انصاف جي جدوجهد آهي ۽ ڪوشش آهي ته پاڪستان کي اهڙي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي. هن حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته هن مشڪل وقت ۾ ملڪ جي قيادت کي پاڪستان ۾ هجڻ گهرجي يا لنڊن ۾.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button