وزيراعظم شهباز شريف جي دل پاڪستان اچڻ لا نه وري، لنڊن ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. مصر کان لنڊن پهتل شهباز شريف جون وڏي ڀا ۽ پارٽي سربراهه نواز شريف سان 4 ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. گذريل رات وزيراعظم کي ڏيهه واپس روانو ٿيڻو هو پر طبيعت بهتر نه هجڻ ڪري وڌيڪ هڪ ڏينهن وڏي ڀا وٽ ترسي پيو آهي. ٻنهي ڀائرن ۾ ٿيل ملاقاتن نئون آرمي چيف اهليت ۽ سينيارٽي جي بُنياد تي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم قيادت کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري آئيني معاملو آهي، جنهن کي آئين مطابق طئي ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نواز شريف سڄي زندگي منهنجي لا طاقت جو ٿنڀ رهيو آهي، نواز شريف جي محبت جو انداز مون لاءِ اعتماد ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي، هو منهنجي لاءِ ليڊر يا وڏو ڀاءُ نه پر سڄي زندگي ۾ طاقت جو ذريعو آهي. شهباز شريف سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي هن چيو ته نواز شريف جو محبت جو انداز منهنجي لاءِ اعتماد ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close