پاڪستانعالمي

پاڪستان جي اميدن تي پاڻي، سعوي ولي عهد هلندڙ مهيني رٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

سعوي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. محمد بن سلمان کي هلندڙ مهيني 21 نومبر تي پاڪستان جو مختصر دورو ڪرڻو هو، جيڪو هاڻي ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب محمد بن سلمان جي پاڪستان ياترا جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، سعودي ولي عهد کي پاڪستان کانپو جاپان جي دوري تي به وڃڻو هو پر ٻنهي ملڪن جا دورا ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته محمد بن سلمان طرفان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ جو ڪو به ڪارڻ سامهون نه آيو آهي. ان کان اڳ سفارتي ذريعن جو چوڻ هو ته سعودي ولي عهدي جي دوري تي پاڪستان کي 4 ڏهائي 2 ارب ڊالرن جو اضافي بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ جي اميد ۽ ملڪ ۾ مضبوط سيڙپڪاري جو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو. سفارتي ذريعن اهو پڻ چيو هو ته ملڪ ۾ غير يقيني سياسي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جي نتيجي ۾ سعودي ولي عهد جي دوري ۾ رڪاوٽ اچي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button