پاڪستان

آرمي چيف مقرري جو آزادي مارچ سان ڪو تعلق ناهي:شاهه محمود قريشي

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان غلط پاسي ڏانهن وڃي رهيو آهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد رستو نيون عام چونڊون آهن. گجرات ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام عمران خان جي موقف کي قبول ڪري ورتو آهي، باقي آرمي چيف جي مقرري جو هن حقيقي آزادي مارچ سان ڪو به تعلق ناهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي بيان ۾ جن 3 ماڻهن جا نالا کنيا، جيستائين اهي ٽيئي پنهنجن عهدن تي برقرار رهندا تيستائين اڻڌري ۽ شفاف جاچ نه ٿي سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button