پاڪستان

آرمي چيف جو لاهور گيريزن جو الوداعي دورو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا رٽائرمينٽ کان اڳ الوداعي دورن جي سلسلي ۾ لاهور گيريزن پهچي ويو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي ڪئي، جنرل باجوا لاهور گيريزن ۾ اسڪول ۽ هاڪي ارينا جو افتتاح به ڪيو آهي. آ ايس پي آر مطابق لاهور گيريزن پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سلمان فياض غني آرمي چيف جي آجيان ڪئي. فوجي سربراهه لاهور گيريزن انسٽيٽيوٽ فار اسپيشل ايجوڪيشن جو افتتاح ڪيو ۽ خصوصي ٻارن لاءِ سهولتن جو جائزو ورتو. آرمي چيف جديد هاڪي ارينا جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ هاڪي جي ليجنڊ رانديگرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته نوجوانن کي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لاهور ڪور ۽ پاڪستان رينجرز پنجاب جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. جنرل قمر جاويد باجوا الوداعي خطاب ۾ فوجي جٿن طرفان فرض جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ تي ساراهيندي چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن، راندين ۾ بهتري لا شاندار ماحول فراهم ڪرڻ اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button