پاڪستان

سعودي ولي عهد جو دورو ملتوي، خواجا آصف عمران خان کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

بچا واري وزير خواجا آصف سعودي ولي عهد جو پاڪستان دورو ملتوي ٿيڻ جو عمران خان کي ذميوار قرار ڏنو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي اعلان سبب سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد سلمان جو پاڪستان جو رٿيل دورو ملتوي ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي پهرئين ڌرڻي تي 7 سال اڳ چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرايو هو، جڏهن ته هاڻي 21 نومبر واري ڌرڻي جي اعلان سبب سعودي ولي عهد جو دورو ملتوي ٿيو آهي. وزير دفاع وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي مفاد کانسوا ٻي ڪا به سوچ نٿو رکي، هن لا ملڪ ۽ قوم جا مفاد ڪا معنيٰ نٿا رکن، هي شخص ملڪ مخالف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button