عالمي

ترڪيا جي شهر استنبول ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت، 50 کان وڌيڪ زخمي

ترڪيا جي شهر استنبول ۾ مبينا خودڪشي ڌماڪي ۾ 6 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ترڪ ميڊيا مطابق استنبول شهر جي تقسيم اسڪوائر ويجهو استقلال گهٽي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جيڪو مبينا طور آپگهاتي هو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته فوتگين ۾ واڌ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڌماڪي واري هنڌ امدادي ڪاروايون جاري آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق آچر جو آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري ڌماڪي واري هنڌ تي تفريح لا پهتل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. ڌماڪي جي جاري ڪيل سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي واري هنڌ سياح وڏي انگ ۾ موجود هئا ۽ ڌماڪي بعد ڀاڄ توڙي افراتفري پکڙجي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button